21/03/2025
ڪانڊيرو
سنڌي ٻولي فطرت جي ٻولي آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان فطرت سان جُڙيل رهيا آهن پر انگريزن جي رعيت بڻجڻ کان پوءِ انهن ۾ سماجي تبديليءَ جو دور شروع ٿيو جنهن ۾ هتان جا ماڻهو فطرت کان پري ٿيندا ويا. هاڻي حالت اها ٿي ويئي آهي جو اهي نه پنهنجي ڌرتيء سان سلهاڙجي سگهيا آهن نه ئي ڌارين ۾ مرتبو مليو اٿن. صرف پنجاه سال پوئتي ڏسجي ته سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجي ٻارن جا نالا عام طور تي وڻن ٻوٽن پکين جي نالن تي شوق سان رکندا هئا پر هاڻي اهڙي عمل کي جهالت ٿو ليکجي. ڪرڙ، ڪنڊو، کبڙ، ڪانڊيرو، گلاب، رابيل، ڪونج، طوطو، مور، مکڻ وغيره جهڙا نالا عام هئا. هاڻي ته ڌارين ٻولين جا. ڏکيا نالا فيشن طور ماڻهو پنهنجي ٻارن تي رکن ته ٿا پر معني جي خبر پاڻ کي به ڪون اٿن.
ڪانڊيرو اسان جو مقامي بوٽو آهي جنھن لاءِ سنڌي ۾ مثال مشهور آهي تہ جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. اها حقيقت به آهي ته اهڙي زمين جتي ڪو به وڻ نه ٿي سگهي اتي به ڪانڊيرا ضرور ٿيندا. زراعت پيشہ ماڻهو ڪانديرن مان بيزار به هوندا آهن پر ان جي باوجود ڪانديرن مان انيڪ فائدا به وٺندا هئا. ڏڪار ۾ مال لاءِ ڪو گاه ميسر نه هجي پر ڪانڊيرا پوءِ به ساوا ۽ سلامت ملندا جن تي چوپايو مال گذر ڪري سگهي. گهر جي حفاظت لاءِ لوڙهو هڻڻو هجي. تہ ڪانڊيرا حاضر هوندا. گرمي ۾ بغير بجلي جي ايئر ڪنڊيشن جيتري ٿڌڪار گهرجي تہ ڪانڊيرن جو ڦوهارو ٺاهي ڇپر جي چوڌاري هڻي ڇڏيو، زمين تي واري وڇايل هجي ۽ انهن تي وقفي وقفي سان رڳو پاڻيءَ جو هلڪو ڇڻڪار ڪيو تہ چونئري جي اندر اي سي جيترو ٿڌڪار لڳو پيو هوندو ڀلي ٻاهر 50. ڊگري سينٽي گريڊ جي گرمي هجي.
ڪانڊيرو هر قسم جي زمين ۾ ٿيو وڃي ڀلي اها زمين ڪارو ڪلر هجي يا دريائي لٽ هجي، چيڪي هجي يا وارياسي يا پٿريلي ڪانڊيرن کي پرواه ئي ڪون هوندي. مثال هزار ڀير ڪپيو پر پوءِ به چند ڏينهن کانپوءِ وري ساوا لڳا پيا هوندا. هي فطري نظام جو محافظ ٻوٽو آهي جيڪو انسان، جانورن، پکين ۽ جيتن سڀني جو مددگار هوندو آهي. ڪانڊيري جي سائنسي سڃاڻپ Alhagi maurorum جي نالي سان ٿيندي آهي. انگريزي ۾ کي Camel thorn سڏيندا آهن. مذهبي ڪتابن ۾ به ڪانڊيري جو ذڪر سٺن لفظن ۾ ملي ٿو. چون ٿا ته قرآن پاڪ ۾ هن کي مَنا سڏيو ويو آهي جيڪو بني اسرائيل جي قوم لاءِ ڏڪار واري زماني ۾ خوراڪ جو بهترين ذريعو هو..
ڪانڊيرا ايشيا ۽ يورپ جا مقامي ٻوٽا آهن، مقامي ماڻهو صدين جي تجربن ۽ مشاهدي آڌار ڪانڊيرن جي ڪيترين ئي. خوبين ۽ خاصيتن کان واقف آهن. ديسي طب ۾ ڪانڊيرن جي سڀني حصن جو استعمال هزارين سالن کان وٺي ٿيندو پيو اچي. مٿال طور هندستاني ديسي آيورويدا ۾ ڪانڊيري جا گُل وڏي آنڊي اندر موڪن جي علاج ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. ايراني طب ۾ ڪانڊيري جو ڪاڙهو جگر جي صفرا جي علاج لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي. مشرق وسطي جي علائقن ۾ ڪانڊيري جي پنن جو ليپ زخمن جي علاج ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مفيد سمجهيو ويندو آهي. جديد سائنسي تحقيق به ڪانڊيري ۾ موجود اهرن ڪيميائي مادن جي نشاندهي ڪري ٿي جيڪي بيڪٽيريا ۽ جراثیم ڪش آهن. فطري ماحول کي جيوت لاءِ سازگار بنائڻ ۾ هن سخت جان ٻوٽي جو اهم ڪردار آهي. ڇو تہ هي اهڙين جڳهن تي به ٿئي ٿو جتي ٻي ڪنهن به ٻوٽي جو زنده رهڻ مشڪل هوندو آهي. سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ تيل ۾ خراب ٿيل زمين ۾ به ڪانڊيرا ٿي وڃن ٿا ۽ زنده رهن ٿا.
اچو ته قدرت پاران عطا ڪيل اهڙين مفيد نعمتن جو قدر ڪرڻ سکون. ڄاڻ حاصل ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي بيخبري سبب جن قدرتي نعمتن کي بيڪار ٿا سمجهون، انهن مان به فائدو حاصل ڪري سگهون.
مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو ،ضلعو خيرپور ميرس
21 مارچ 2025ع