31/10/2026
🦟 **شهر جي مختلف علائقن ۾ مڇر مار اسپري مهم روزاني بنيادن تي جاري** 🚿
چيئرمين ميونسپل ڪميٽي شھدادپور محترم بيرسٽر علي مرتضيٰ رحمان ٿھيم صاحب جي هدايتن تي مليريا ۽ ڊينگي جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ لاءِ سڄي شهر ۾ مڇر مار اسپري مهم روزاني بنيادن تي جاري آهي.
ان سلسلي ۾ اڄ به شهر جي مختلف علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪيو ويو، ته جيئن شهرين کي مڇرن سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي سگهجن.
ميونسپل ڪميٽي شھدادپور پاران شهرين جي صحت، صفائي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.